سڌارٿ ملهوترا پنهنجي زال جي ڳجهي وڊيو ٺهرائي!

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سڌارٿ ملهوترا پنهنجي گهرواري ڪيارا آڏواڻي کي پرپوز ڪرڻ جي وڊيو ڪهڙي ڳجهي طريقي سان ٺهرائي؟ ڪيارا آڏواڻي ”ڪافي ود ڪرن“ اهو دلچسپ قصو ٻڌائي ڇڏيو.
ڪرن جوهر سان گفتگو ڪندي ڪيارا ٻڌايو ته سڌارٿ کيس شادي جي آڇ ڏاڍي پرڪشش طريقي سان ڪئي ۽ ان موقعي تي وڊيو ٺاهڻ لاءِ سڌارٿ پنهنجي ڀائٽي کي وڻن ۾ لڪائي بيهاريو.
اداڪارا موجب پرپوز ڪرڻ لاءِ سڌارٿ ان جي 2021 ۾ رليز ٿيندڙ فلم ”شير شاهه“ جا ڪجهه ڊائلاگ چيا هئا، مان سڌارٿ ۽ ان جي فيملي سان گڏ موڪلون ملهائڻ روم وئي هيس، جتي سڌارٿ مون کي پرپوز ڪيو، مان سڌارٿ کي اڳ ئي چئي ڇڏيو هو ته مون کي پرپوز ڪرڻ کان اڳ پنهنجي ماءُ پيءُ سان ڳالهائي، تنهن ڪري هن ائين ئي ڪيو.
واضح رهي ته سڌارٿ ۽ ڪيارا جي شادي هلندڙ سال فيبروري ۾ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.