سعودي عرب جو جنگي جهاز تربيتي اڏام دوران ڪِري تباهه، ٻه پائلٽ اجل جو شڪار

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جو جنگي جهاز تربيتي اڏام دوران ڪِري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ سوار ٻه پائلٽ به اجل جو شڪار ٿي ويا.
سعودي عرب جي سرڪاري خابرو اداري موجب بچاءَ واري وزير جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل ترڪي المالڪي هڪ بيان ۾ جهاز حادثي جي تصديق ڪئي آهي.
بريگيڊيئر جنرل ترڪي المالڪي موجب خميس 7 ڊسمبر تي منجهند اوڀر علائقي جي شاهه عبدالعزيز ظهران ايئربيس کان معمول جي تربيتي اڏام دوران ايف 15 ايس اي جهاز کي حادثو پيش آيو.
ترجمان موجب حادثي سبب جهاز ۾ سوار ٻه پائلٽ اجل جو شڪار ٿي ويا.
سعودي جي بچاءَ واري وزارت موجب حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.