آمريڪي گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ لاءِ سال 2023ع گھڻو ڪامياب ثابت ٿيو آهي.
33 ورهين جي گلوڪارا جي Eras ورلڊ ٽور ڪاميابي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا جنهن جي نتيجي ۾ هاڻي هوءَ ارب پتڻ بڻجي وئي آهي.
هاڻي مشهور آمريڪي رسالي ٽائم ميگزين ٽيلر سوئفٽ کي 2023ع جي بهترين شخصيت (پرسن آف دي ايئر) قرار ڏنو آهي.
1927 کان هر سال باقاعدگي سان بهترين شخصيت جي چونڊ ڪندڙ ٽائم ميگزين جي آفيشل ايڪس آڪائونٽ تي رسال جو مک ورق پوسٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٽيلر سوئفٽ جي تصوير آهي ۽ کيس هن سال جي بهترين شخصيت قرار ڏنو ويوآهي.
رسالي سان ڳالهائيندي ٽيلر سوئفٽ جو چوڻ هو ته هن کي گھڻي خوشي ۽ فخر محسوس ٿي رهيو آهي ۽ هوءَ پاڻ کي تخليقي طور تي وڌيڪ آزاد ۽ مڪمل تصور ڪري رهي آهي.
ٽائيم ميگزين پرسن آف دي ائير لاءِ باربي،برطانيا جي بادشاهه چارلس، ڊونلڊ ٽرمپ جي پراسيڪيوٽرز ۽ ٻين کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو هو، پر اهو اعزاز ٽيلر سوئفٽ جي حصي ۾ آيو آهي.
ان کان اڳ پيپل ميگزين به ٽيلر سوئفٽ کي اهڙيءَ طرح جي اعزاز سان نوازيو هو جڏهن ته فوربز به کيس ميڊيا ۽ انٽرٽينمينٽ جي طاقتور ترين عورت قرار ڏنو هو.
اهڙيءَ طرح سڄي دنيا ۾ Spotifyجي سڀ کان وڌيڪ اسٽريم ڪئي ويندڙ آرٽسٽ جو اعزاز به هن جي نالي رهيو آهي.
Prev Post
You might also like