خضدار (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي خضدار ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت 5.5 ۽ اونهائي 60 ڪلو ميٽر هئي.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب ضلعي خضدار جي علائقي ڳڙهي جو ۾ سومر جي شام 5 لڳي 19 منٽن تي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جي شدت 5.5 ۽ اونهائي 60 ڪلو ميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز خضدار کان 160 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هو.
ضلعي انتظاميا موجب زلزلي سان خضدار جي علائقي ڳڙهي جو جي ڪچي گهرن ۽ زمين ۾ ڏار پئجي ويا، خضدار جي تعلقي وڍ جي ڳوٺ باڙي ۾ زلزلي سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڪِري پيا.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته زلزلي سان ڪنهن قسم جي جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
Prev Post
You might also like