سنڌ ورهائجي چڪي، رڳو اعلان باقي آهي: خالد مقبول صديقي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پ پ سياسي، چونڊ ۽ لساني طور تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان گفتگو ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته پ پ سياسي، چونڊ ۽ لساني طور تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، سنڌ ورهائجي چڪي آهي، هاڻ رڳو اعلان باقي آهي.
هن چيو ته پ پ سنڌ ۾ تڪ بندين تي اعتراض ڪيا، اليڪشن ڪميشن درست ڪري ڇڏيا، اسان به اليڪشن ڪميشن کي پنهنجا اعتراض پيش ڪيا پر اسان يا ڪنهن ٻي جماعت جو هڪ اعتراض به اليڪشن ڪميشن نه ڏٺو.
سندس چوڻ هو اسان جو حق آهي ته اسان جي خدشن کي ختم ڪيو وڃي ۽ اسان کي چيف اليڪشن ڪمشنر مان وڏي اميد آهي پر يقين نه پيو اچي، ڇو ته ان جي هيٺان ٽيم ڪمپرومائزڊ آهي.
خالد مقبول صديقي چيو ته سنڌ ۾ جيڪا حڪومت آهي، اها نگران نه پر پ پ جي مفادن جي نگران آهي، هن وقت وزيراعليٰ هائوس سياسي مفادن جو مرڪز بڻيل آهي ۽ ان جا اثر اليڪشن ڪميشن تائين پهچندي نظر پيا اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.