پاڪستانين جو اندر سڙي ويو، هانيا عامر جا ڀارتي ڳائڻي بادشاهه سان لاڳاپا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر جي گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) جي رياست دبئي ۾ ڀارتي ڳائڻي ۽ ريپر بادشاه سان ملاقات کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ لاڳاپن جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.

هڪ ڏينهن اڳ هانيا عامر پنهنجي انسٽاگرام تي دبئي ۾ بادشاه سان ملاقات ۽ پارٽي ڪرڻ جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون هيون، جنهن تي ماڻهن مختلف تبصرا ڪيا.

بادشاهه سان ملاقات کان هڪ هفتو اڳ هانيا عامر ڀارتي ريپر کي سالگرهه جي مبارڪباد ڏني هئي، جنهن تي ڀارتي ڳائڻي به سندس تعريف ڪئي هئي.

ٻئي ماضي ۾ به هڪ ٻئي جي ساراهه ڪندي سوشل ميڊيا تي ڳالهيون شيئر ڪندا رهيا آهن ۽ هانيا عامر ڪيترن ئي انٽرويوز ۾ چيو آهي ته هوءَ ڀارتي ريپر بادشاه کي پسند ڪندي آهي.

هانيا کي بادشاه جي ڳائڻ جي ساراهه ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو ويو آهي، پر هن سان پهرين ملاقات دبئي ۾ ٿي.

ڀارتي اخبار ”انڊين ايڪسپريس“ موجب هانيا عامر ۽ بادشاه جي دبئي ۾ ملاقات ٿي، جتي ٻنهي هڪ ٻئي سان سٺو وقت گذاريو ۽ پارٽي به ڪئي.

هانيا عامر بادشاهه سان ملاقات جون تصويرون ۽ وڊيوز به شيئر ڪيون، جنهن ۾ اداڪارا خوش نظر اچي رهي آهي.

پاڪستاني اداڪارا ڀارتي ريپر سان ملاقات جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي تفصيل نه ڏنا پر ماڻهن سندس پوسٽن تي تبصرا ڪيا ۽ سندن لاڳاپن بابت ڳالهايو.

ڪيترن ئي ماڻهن تبصرن ۾ لکيو ته پاڪستاني اداڪارا کي ڀارتي ڳائڻي سان ڏسي سندن رت سڙي ويو آهي.

اهڙي طرح ڪجهه ماڻهن تبصرا ڪيا ۽ بادشاهه کان مطالبو ڪيو ته هانيا عامر کي هڪ ڀيرو ڀيڻ سڏيو وڃي.

ڪجهه ماڻهن ٻنهي جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون هيون ۽ افواهه هئا ته جلد هانيا عامر بادشاه جي هڪ گاني ۾ پرفارم ڪندي نظر ايندي پر ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.