جنرل باجوا ڊونلڊ لو جي چوڻ تي سڀ ڪيو، کيس عدالت گهرائيندس: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سائفر ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا ڊونلڊ لو جي چوڻ تي سڀ ڪجهه ڪيو، کيس عدالت گهرائيندس.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته سائفر ڪيس ۾ جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا ۽ آمريڪي سفارتخاني جي آفيشلز کي شاهد بڻائيندس.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون سان ڪنهن ڳالهيون نه ڪيون، لکي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ته چونڊون پي ٽي آءِ کٽيندي.
سندس چوڻ هو ته مون کي جيئن پڪڙيو ويو، اهو هڪ پلان هو، نواز شريف لنڊن پلان کانپوءِ پاڪستان آيو، جيل ۾ رهڻ ۾ ڪا ڏکيائي ناهي، جيل ۾ رهڻ عبادت سمجهان ٿو.
خاور مانيڪا جي الزامن تي ردعمل ۾ عمران خان چيو ته مان بشريٰ بي بي جي صورت ڏٺي ئي نڪاح واري ڏينهن هئي، ٻارن کي پنهنجي ماءُ خلاف بيان ڏيڻ جو چيو پيو وڃي.
تحريڪ انصاف ڇڏيندڙ اڳواڻن بابت اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪجهه سياسي اڳواڻن جي پارٽي ڇڏڻ تي شڪر ادا ڪيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.