سنڌ حڪومت جو سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪرڻ تي اڳوڻن وزيرن، ايم پي ايز ۽ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اڳوڻن وزيرن، ايم پي ايز ۽ آفيسرن طرفان سرڪاري گاڏيون واپس نه ڪرڻ تي قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو.
سرڪاري گاڏيون ڳولڻ ۽ غير واسطي دار ماڻهن جي استعمال هيٺ گاڏين جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر فخر عالم 5 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي آهي.
ايڊيشنل سيڪريٽري ايس اينڊ جي اي ڊي جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي گم ٿيل سرڪاري گاڏين جي جاچ ڪندي، جڏهن ته جاچ ڪميٽي 2007 کان 2016 تائين سرڪاري گاڏين جي خريداري جو رڪارڊ به چيڪ ڪندي، سرڪاري گاڏيون ڪٿي ڪٿي ناجائز طور استعمال ٿيون؟ جاچ ڪميٽي ان جو به جائزو وٺندي.
نوٽيفڪيشن موجب سنڌ حڪومت جي قائم ڪيل ڪميٽي آفيسرن، اڳوڻن وزيرن ۽ اڳوڻن ايم پي ايز کان 7 ڏينهن ۾ گاڏيون واپس ڪرڻ جو لکندي، نوٽيس باوجود گاڏيون واپس نه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي ڪرپشن کي لکيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.