پوليس وردي پائي ۽ ٽوپي اجرڪ پائي به خدمت ڪندا آهيون: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته اسان کي معاشري جي گندگي صاف ڪرڻي آهي.
ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي رفعت مختار چيو ته اسان پوليس جي وردي پائي به خدمت ڪندا آهيون ۽ ٽوپي اجرڪ پائي به خدمت ڪندا آهيون.
هن چيو ته اسان کي هن ٽوپي ۽ اجرڪ جو مان رکڻو آهي، اسان محبت ڪندڙ ۽ عزت ڏيندڙ آهيون، الله پاڪ اسان کي ماڻهن جي خدمت جو موقعو ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته ٽوپي ۽ اجرڪ امن ۽ محبت جو نشان آهي، سنڌ پوليس جي آفيسرن، جوانن ۽ سنڌ جي عوام کي ثقافتي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏيان ٿو.
رفعت مختار چيو ته سنڌ زندگي ڏني، زندگي جو نالو سنڌ آهي، سنڌ زندگي آهي، اڄوڪو ڏينهن ٽوپي ۽ اجرڪ سان مخصوص ڪري ڇڏيو آهي، اجرڪ ۽ ٽوپي سنڌ جي سڃاڻپ آهي.ا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.