”بابر جي ڪپتاني ۾ ڪمزور ٽيمن کي هارائي نمبر ون بڻياسين“

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر جنيد خان چيو آهي ته بابر اعظم جي ڪپتاني ۾ اسان ڪمزور ٽيمن کي هارائي نمبر ون بڻياسين.
تازي پوڊ ڪاسٽ ۾ اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي ڪپتاني تي تنقيد ڪندي جنيد خان چيو ته اسٽار بيٽر ڪپتان طور سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو، چئن سالن ۾ بابر جي ڪپتاني ۾ ڪا بهتري نه آئي، جيڪڏهن توهان سرفراز کي ڏسو ته سندس ڪارڪردگي ۾ ڏينهون ڏينهن بهتري آئي.
سندس موجب ماڻهو چون ٿا ته بابر جي ڪپتاني ۾ اسان نمبر ون ٽيم بڻياسين پر اسان ڪمزور ٽيمن کي هارائي نمبر ون بڻياسين، بابر سٺو بيٽر آهي پر سندس ڪپتاني سٺي نه هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.