ٽريفڪ پوليس جي مدد سان غير قانوني پارڪنگ هلائي پئي وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ غير قانوني پارڪنگ خلاف درخواست تي لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
لکت حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته غير قانوني پارڪنگ سبب ٽريفڪ جي مسئلن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت جو ڪم آهي ته پارڪنگ جي معاملن کي ريگيوليٽ ڪري.
عدالتي حڪم نامي موجب نجي ماڻهو ٽريفڪ پوليس جي مدد سان غير قانوني پارڪنگ هلائي رهيا آهن، غير قانوني سرگرمين سبب عوام متاثر ٿي رهيو آهي.
عدالت ان معاملي تي ٽرانسپورٽ سيڪريٽري ۽ ڊي جي آءِ جي ٽريفڪ کي 5 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو.
جسٽس نديم اختر ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته شهر ۾ غير قانوني پارڪنگ جو ڌنڌو ڪيئن هلايو پيو وڃي، سمورا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌائين ته غير قانوني پارڪنگ کي ڪيئن روڪيو وڃي.
عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ڪراچي شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني اهم مسئلو آهي، نجي ماڻهو اهڙين جاين کي پارڪنگ بڻائي استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن جي اجازت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.