”ٽپڙ گول ڪريو“ رڪشي وارن کي مهيني جي مهلت

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ اڻ رجسٽرڊ رڪشا هلائڻ تي پابندي جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ 30 ڏينهن جي رليف واري مدي کانپوءِ انهن سمورن رڪشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.

پنجاب جي ٽرانسپورٽ واري وزير ابراهيم مراد جي هدايت تي پنجاب حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي چنگ چي رڪشا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ابراهيم مراد چيو ته چنگ چي رڪشن کي 30 ڏينهن جي وارننگ ڏني وئي آهي، جڏهن ته لوڊرز به رڪشا هلائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.

نگران وزير چيو ته پهرين مرحلي ۾ وڏن شهرن ۾ غير منظور رڪشن تي پابندي هوندي، ٻئي مرحلي ۾ ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو پر مستقبل ۾ چنگ چي رڪشن جي تياري تي پابندي هوندي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت لاهور شهر ۾ 80 هزار کان وڌيڪ موٽرسائيڪل رڪشا هلن ٿا، جن مان صرف 20 سيڪڙو رجسٽرڊ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.