اسٽيبلشمينٽ هڪ حقيقت آهي، جنهن کي سياسي جماعتن ۾ گفتگو جو ماحول ٺاهڻ گهرجي: بلاول

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ هڪ حقيقت آهي، جنهن کي سياسي جماعتن ۾ گفتگو جو ماحول ٺاهڻ گهرجي.
ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ايندڙ چونڊن ۾ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهيندي، ان کي ترقي ڏياريندي، گوادر پورٽ جو بنياد به پ پ رکيو، اسان جو مقصد بلوچستان کي ترقي ڏيارڻ آهي.
هن چيو اسٽيبلشمينٽ هڪ حقيقت آهي، جنهن کي سياسي جماعتن ۾ گفتگو جو ماحول ٺاهڻ گهرجي، هيل تائين 18هين ترميم تي مڪمل عملدرآمد ناهي ٿيو، ڪجهه ماڻهن جي غلط فهمي آهي ته هوا جو رُخ تبديل ٿي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته جن کي پنهنجي گهر جي ڳڻتي هجي، اهي بلوچستان ۽ سنڌ جي ڳڻتي ڇو ڪندا؟ سياسي جماعتون جمهوريت ۽ سياست جي دائري ۾ رهي ڪم ڪن ته بهتر هوندو، هر جمهوري پارلياماني دور ۾ مسئلا ٿيندا آهن، عمران خان سياسي ذميواري جو ثبوت نه ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.