فاطما جا قاتل پير را جا ايجنٽ آهن: وارث

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌ سھائي تنظيم پاران "فاطمه ڦرڙو انصاف جي اوسيئڙي ۾” جي عنوان هيٺ ڊائلاگ پروگرام ڪوٺايو ويو.

پروگرام ۾ فاطمه ڦرڙو جو والد، امڙ ۽ قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه اياز لطيف پليجو شريڪ ٿيا.

اياز لطيف پليجو پاران عدالتي نظام تي سخت تنقيد ڪئي وئي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ سنڌ جي عدليه سنڌ ۾ ٻارڙن سان زيادتي واري واقعن تي ڪو به ڪردار ادا نه ٿي ڪري، پنجاب جي نياڻين سان زيادتي تي اسان افسوس ڪيون ٿا ۽ ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيون ٿا اوهان سنڌ ۾ ٿيندڙ زيادتين تي ڇو خاموش آهيو.

هن چيو ته فاطمه ڦرڙو واقعي جي سڀ کان وڌيڪ ذميواري قانون ۽ آئين جي آھي.

مقتولا فاطما ڦرڙو جي امڙ جو چوڻ هو ته فاطما پير فياض شاهه ۽ حنا شاهه وٽ ٽي مھينا اڳ ڇڏي آئي ھيس پر اھا ڏکي ھئي، فاطمه تي ظلم ڪيو ويو ۽ جسم تي تشدد ٿيل ھيس، حنا شاھ، اسد شاھ ۽ پير فياض سان جنگ جاري رهندي انهن کي ڪڏھن به نه ڇڏيندس.

مقتولا جي والد چيو ته فاطمه تي تشدد ڪندڙ را جا ايجنٽ آھن، جن منهنجي نياڻي جو پاڻي به بند ڪيو، اسان کي منٿون ڪيون وڃن ٿيون ته ٺاھ ڪيو، ھنن يزيدي ڪردارن کي ڦاھي تي چاڙائڻ چاھيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.