هڪ سال تائين ماءُ جي لاش سان گڏ رهندڙ ٻه ڌيئرون گرفتار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ ٻن عورتن کي گهر ۾ هڪ سال تائين ماءُ جي لاش سان گڏ رهڻ جي ڏوهه ۾ حراست ۾ ورتو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش جي شهر وارانسي جي هڪ گهر مان پوليس ٻن ڀينرن 27 ورهين جي پلاوي ٿرپاٺي ۽ 18 ورهين جي ويشوڪ ٿرپاڻي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گهر مان سندن ماءُ جو هڪ سال پراڻو لاش به برآمد ٿيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مئل عورت جي سڃاڻپ 52 ورهين جي اوشا ٿرپاٺي جي نالي سان ٿي آهي، جيڪا وڏو عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ ڊسمبر 2022 ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي پر سندس ڌيئرن آخري رسمون ادا نه ڪيون ۽ لاش سان گڏ رهي رهيون هيون.
پوليس موجب 15 ڏينهن کان ٻئي ڀينرون گهران نه نڪتيون هيون، جنهن سبب پاڙيسرين کي شڪ ٿيو ۽ هنن ٿاڻي تي اطلاع ڏنو، جڏهن گهر پهتاسين ته ٻئي ڀينرون بيهوشي جي حالت ۾ هيون.
پوءِ پوليس ٻنهي کي طبي ۽ ذهني معائني لاءِ اسپتال موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته لاش کي فرانزڪ لاءِ منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.