ڇا انجو واپس ايندي؟ پاڪستاني مڙس نصرالله روئي ڏنو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اچي، دوست نصر الله سان شادي ڪري واپس ڀارت ويندڙ انجو جي حوالي سان ڀارتي ميڊيا تي بحث جاري آهي پر انجو ان معاملي تي وڌيڪ ڳالهائڻ کان لنوائي رهي آهي.

جڏهن انجو ڀارتي ايئرپورٽ تي پهتي کيس سخت سيڪيورٽي ۾ ورتو ويو ۽ ڀارتي ميڊيا وڏي پيماني تي کانئس سوالن جي برسات ڪري ڇڏي.

ان موقعي تي انجو پاڪستان جي تعريف ڪئي ته کيس پاڪستان ۾ محبت ملي ۽ پاڪستاني مهمان نواز آهن.

پر ڇا انجو ٻيهر واپس ايندي؟ ۽ کيس واپس ڇو وڃڻو پيو آهي؟

ان حوالي سان سندس پاڪستاني مڙس نصرالله چيو ته انجو کي ٻارن جي سڪ لڳي هئي مان کيس واهگا بارڊر تي ڇڏي آيس پر ڏاڍو ڀلو هجي ها ته کيس وڌيڪ سال جي ويزا ملي ها ته هو هتي رهي پوي ها.

انجو جي واپس اچڻ بابت هو مونجهاري جو شڪار هو ۽ انجو کي الوداع ڪرڻ وقت به روئي رهيو هو. ائين لڳي رهيو هو ته هاڻي انجو ڪڏهن واپس نه اچي سگهندي ڇو ته سندس ويزا ۾ واڌ نه ٿي سگهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.