”هانيا عامر اوقات ڏيکاري ڇڏي“ ٽيٽو تي ٿرٿلو مچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا هانيا عامر جي نئين ٽيٽو تڪرار کي جنم ڏيندي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.

هانيا عامر مشهور ڪارٽون ”دي پاورپف گرلز“ جي مشهور ڪردار ”ببلز“ جو لنڊن ۾ پنهنجي ساڄي ٻانهن جي اندرئين پاسي ٽيٽو ٺهرايو ۽ ان جون تصويرون دبئي مان شيئر ڪيون.

پر جيئن ئي تصويرون وائرل ٿيون ته کيس سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو.

ٽيٽو تي واهپيدارن پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڪيترن ئي فالورز کيس ان فالو ڪري ڇڏيو.

ڪجهه واهپيدارن کيس آخرت ياد ڏياري، جڏهن ته ٻين کيس ٻڌايو ته هوءَ مسلمان آهي.

ڪجهه ماڻهو بابر اعظم جو نالو وٺي بيان بازي ڪندا رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.