ڪراچي ۾ پوليس کانپوءِ سي ٽي ڊي اهلڪار به ڦر ۾ ملوث نڪتا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعيد آباد ۾ 5 سي ٽي ڊي اهلڪار اڳوڻي پوليس انسپيڪٽر جو گهر ٻُهاري ويا.
اڳوڻي پوليس آفيسر بشير حسين پوليس اهلڪارن تي رقم، زيور ۽ ٻيو قيمي سامان ڦرڻ جو الزام هڻندي چيو ته 10 کان 11 سادن ڪپڙن ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي ڀاتين تي تشدد ڪيو.
هن ٻڌايو ته اهلڪار هٿيارن جي تلاشي بهاني آيا ۽ ڦرلٽ ڪري هليا ويا.
پوليس اڳوڻي انسپيڪٽر جي شڪايت تي جاچ ڪئي ته ان ۾ سي ٽي ڊي اهلڪارن جي ملوث هجڻ جي تصديق ٿي.
پوليس چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري پارٽي انچارج سميت ٻن اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 3 اهلڪار مفرور آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.