ڀارتي عورت ڊگھا وار رکڻ جو گنيز ورلڊ رڪارڊ ٺاهي ڇڏيو

دهلي: (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش سان تعلق رکندڙ سميتا سريواستو سڀ کان ڊگھا وارن جو رڪارڊ ٺاهي ڇڏيو.

گينيز ورلڊ رڪارڊ موجب سميتا جي وارن جي ڊيگهه 7 فوٽ 9 انچ آهي. سميتا 14 سالن جي عمر کان پنهنجا وار اُڀاري رهي آهي، جيڪي هن ڏهاڪن کان نه ڪٽيا آهن.

سميتا موجب هن 1980ع واري ڏهاڪي جي بالي ووڊ اداڪارائن جي ڊگهن وارن کان متاثر ٿي پنهنجا وار وڏا رکڻ شروع ڪيا.

سميتا جو چوڻ آهي ته هوءَ عام طور تي هفتي ۾ ٻه ڀيرا پنهنجا وار ڌوئيندي آهي. رڳو وار ڌوئڻ ۾ کيس 3 ڪلاڪ لڳندا آهن.

سميتا اهو رڪارڊ قائم ڪري ڏاڍي خوش آهي، جنهن جو هن خواب ڏٺو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.