زبردست فيچر، هڪ ئي فون ۾ ٻه واٽس ايپ استعمال ڪرڻ جو طريقو ڄاڻيو

واٽس ايپ آڪٽوبر ۾ هڪ فون ۾ ٻه اڪائونٽ استعمال ڪرڻ جو فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو، هاڻ اهو فيچر لڳ ڀڳ سڀني واهپيدارن کي دستياب آهي.

اهو فيچر انهن ماڻهن لاءِ بهترين آهي، جيڪي واٽس ايپ کي آفيس جي سرگرمين لاءِ به استعمال ڪندا آهن، ملٽي اڪائونٽ سپورٽ سان اهي آفيس ۽ ذاتي زندگي لاءِ الڳ اڪائونٽ استعمال ڪري سگهندا.

ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ضروري هوندو ته فون ۾ ڊوئل سم سپورٽ موجود هجي ته جيئن ٻن مختلف نمبرن جا ٻه واٽس ايپ اڪائونٽ استعمال ڪري سگهجن.

اينڊرائيڊ ڊوائسز ۾ فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ سيٽنگز اوپن ڪري پنهنجي نالي اڳيان ٺهيل ڊراپ ڊائون ايرو تي ڪلڪ ڪيو.

اتي ايڊ اڪائونٽ آپشن جي چونڊ ڪندي پنهنجو ٻيو فون نمبر داخل ڪري نيڪسٽ تي ڪلڪ ڪيو.

ان کانپوءِ توهان کي ميسيج ذريعي ڪوڊ وصول ٿيندو، جيڪو داخل ڪرڻ کانپوءِ پروفائل جو نالو ٽائپ ڪري پروفائل فوٽو کي سليڪٽ ڪيو.

ائين توهان جو ٻيو اڪائونٽ بڻجي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.