لياري ۾ 6 ماڙ عمارت ڊاهڻ جو حڪم واپس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي علائقي لياري ۾ 6 ماڙ عمارت ڊاهڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر لياري کڏا مارڪيٽ ۾ 6 ماڙ اڏاوت کي نه ڪيرائڻ جي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالتي حڪم تي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا ته عدالت انهن جي ڇنڊ پٽي.
عدالت چيو ته شهر جي سڀني غير قانوني اڏاوتن جي ذميوار ايس بي سي اي آهي، ان تي ڊي جي اسحاق کهڙي چيو ته اسان به ڇا ڪيون ڪراچي ميگا سٽي آهي.
اسحاق کهڙي عدالت کي ٻڌايو ته جتي نظر پوندي آهي اتي ڪارروائي ڪندا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻيا ادارا به غير قانوني اڏاوتن جا ذميوار آهن.
جسٽس نديم اختر پڇاڻو ڪيو ته انهن جو ڪم پوءِ ٿو اچي، غير قانوني اڏاوتون ٿيڻ ڇو ٿا ڏيو؟ ان تي ڊي جي جواب ڏنو ته کڏا مارڪيٽ ۾ اڏاوتون نه روڪيندڙن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، ٽن آفيسرن خلاف محڪماڻي ڪارروائي به شروع ڪري ڇڏي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته غير قانوني اڏاوتن جي ذميواري سڌي ريت اداري جي سربراهه تي لاڳو ٿيندي آهي، حيران آهيون ته ايس بي سي اي کي پنهنجي ذميواري ۽ اختيارن جو علم ناهي.
ٻڌڻي دوران عمارت ۾ رهندڙ مردن ۽ عورتن جو وڏو انگ به عدالت پهچي ويو، انهن چيو ته اسان گهر خريد ڪيا، اڏاوتن سان اسان جو ڪو واسطو ناهي.
پوءِ جسٽس نديم اختر حڪم ڏيندي چيو ته نقشو منظور ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري ڊاهڻ جو حڪم واپس وٺون ٿا، ڪيس جو تفصيلي فيصلو پوءِ جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.