لاهور (ويب ڊيسڪ) عمران خان انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين جو اميدوار نه هوندو.
ذريعن موجب عمران خان جيل مان پارٽي جي ڪور ڪميٽي کي پيغام پهچائي ڇڏيو ۽ هو انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين جو اميدوار نه هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته توشا خانا ڪيس ۾ سزا سبب انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين طور نئون اميدوار هوندو ۽ انٽرا پارٽي چونڊن ۾ ٻيو رڪن چيئرمين طور چونڊيو ويندو.
ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي پارٽي چيئرمين، نائب چيئرمين ۽ تنظيمي عهدن تي چونڊون ٿينديون، پي ٽي آءِ چيئرمين پارٽي جي تنظيمي معاملن ۽ فيصلن جي منظوري پاڻ ڏيندو.
پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سزا ختم ٿيڻ تي ٻيهر عمران خان چيئرمين جي حيثيت سان انٽرا پارٽي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندو، جڏهن ته نئين چيئرمين جي نالي جو فيصلو پاڻ عمران خان ڪندو، ان کانسواءِ پارٽي ۾ نئين شموليت ۽ ٽڪيٽن جا سڀ فيصلا پي ٽي آءِ چيئرمين ڪندو.
عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان انٽرا پارٽي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تحت تحريڪ انصاف جون انٽرا پارٽي چونڊون جمعي تي ٿينديون.
عمران خان پارٽي چيئرمين شپ تان هٿ کڻي ويو، انٽرا پارٽي چونڊن ۾ نئين نالي جو فيصلو پاڻ ڪندو
You might also like