سائفر ڪيس: خاص عدالت جو جيل ۾ ئي عمران خان جي اوپن ٽرائل جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين جو ٽرائل جيل ۾ ئي ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
خاص عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين اسلام آباد جڊيشل ڪامپلڪيس ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالتي حڪم باوجود عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان جڊيشل ڪامپليڪس ۾ پيش نه ڪيو ويو.
جيل اختيارين عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ٻنهي جوابدارن کي پيش نٿا ڪري سگهون، اسلام آباد پوليس کي واڌو سيڪيورٽي لاءِ خط لکيو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين کي سنجيده نوعيت جا سيڪيورٽي خدشا آهن.
عمران خان جي وڪيل سلمان صفدر ايڊووڪيٽ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش ڪرڻ جيل اختيارين جي ذميواري آهي، اسان زندگي داءَ تي لڳائي عدالت ۾ پيش ٿيندا رهيا آهيون، ڇا پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ محفوظ ناهي يا رستي ۾ ڪو خطرو آهي ته ٻڌايو؟ جڊيشل ڪامپليڪس کي مڪمل طور بند ڪري به آڻي سگهجي ٿو، هن عدالت ۾ ڪنهن کان خطرو آهي؟ هفتي فيملي کان خطرو آهي يا قانون جي پاسداري ڪندڙ وڪيلن کان خطرو آهي؟ توهان جي ڳالهه نٿا مڃون يا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڳالهه نٿا مڃون ته ڇا اسان سپريم ڪورٽ وڃون؟
سندس موجب اسان چوندا رهيا آهيون ته اڳتي نه وڌو طئي ٿيڻ ڏيو ته هي ڪيس ڪيئن هلڻو آهي، ڪڏهن ڪو ڪيس ايڏي تڪڙ ۾ هليو؟ هن ڪيس کي اسان 5 هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ نڪتل هئاسين.
شاهه محمود قريشي جي وڪيل علي بخاري ايڊووڪيٽ چيو ته هي اوپن ٽرائل آهي، جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهي، جيڪڏهن عدالتي حڪم نٿا مڃيا وڃن ته سرڪاري ملازم کي جيل ۾ موڪلڻ جو اختيار توهان وٽ آهي.
جج ابو الحسنات ذوالقرنين چيو ته عوام کي پهچ هجڻ گهرجي، ميڊيا کي عدالت تائين پهچ هجڻ گهرجي.
ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر اوپن ٽرائل جي مخالفت ڪندي چيو ته سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي جيل ۾ ٽرائل ڪري سگهجي ٿو، عدالت ۾ جيل اختيارين دستاويزي ثابتين سان گڏ ٻڌايو ته سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي پيش نٿا ڪري سگهون.
جج ذوالقرنين چيو ته جيل اختياريون چون ٿيون ايس او پيز ۾ ٻاهرئين ملڪ ڳالهرائڻ جي اجازت ناهي، عدالت جيل سپرنٽينڊنٽ کان ٻاهرئين ملڪ ڳالهرائڻ بابت جيل ايس او پيز طلب ڪري ورتيون.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سيڪيورٽي خدشن سبب پي ٽي آءِ چيئرمين جو جيل ۾ ئي ٽرائل ٿيندو، ميڊيا کي به جيل ٽرائل ڪور ڪرڻ جي اجازت هوندي، جيڪو به ٽرائل ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو ته ان کي به اجازت هوندي.
عدالت هدايت ڪئي ته سائفر ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي جمعي تي ٿيندي، عوام ۽ ميڊيا کي ايندڙ ٻڌڻي دوران جيل ۾ موجودگي جي اجازت هوندي، جيل اختياريون انهن سڀني کي سهولتون فراهم ڪنديون، جيڪي ٻڌڻي ۾ اچڻ چاهين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.