بااثرن جي نااهل اولاد: سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سخت ريمارڪس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀرتين تي اسٽي آرڊر ۾ چار ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

سنڌ جي 140 کان وڌيڪ کاتن ۾ ڀرتين خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت سخت ريمارڪس ڏنا.

جسٽس ظفر راجپوت ريمارڪس ڏنا ته تيستائين سفارش ايندي جيستائين بااثرن جي نااهل اولاد پيدا ٿيندي رهندي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته سفارش تيستائين ايندي رهندي جيستائين غريبن کي ميرٽ تي نوڪري نه ملندي، سرڪاري اسپتال ۾ نااهل ۽ سفارشي عملي جي ڪري ٻار فوت ٿيندا آهن، جيستائين اهو سسٽم آهي، قابل ماڻهن کي نوڪريون نه ملنديون.

جسٽس ظفر چيو ته غريبن کي ميرٽ تي نوڪريون نه ملڻ تائين هي سستم ائين هلندو رهندو، اسان کي خبر آهي ته بااثر ماڻهن جا ٻار ڪيئن ايم بي بي ايس پاس ڪندا آهن، سفارشي ڪلچر جي ڀرمار آهي، هتي ڪارڪردگي بدران اهو ڏٺو ويندو آهي ته ماڻهو ڪنهن جو آهي؟

درخواست گذار جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم جي غير حاضري تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت چيو ته اسٽي آرڊر حاصل ڪرڻ بعد پيش نه ٿيڻ غلط طريقو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.