پاڪستان بار ڪائونسل جو سنڌ هاءِ ڪورٽ خلاف ڪارروائي جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان بار ڪائونسل چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کان سنڌ هاءِ ڪورٽ خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پاڪستان بار ڪائونسل طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جاچ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ خلاف مناسب ڪارروائي ڪري، مشاهدي ۾ آيو آهي ته پاڪستان بار جي فيصلن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس ٻڌي رهي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت ڪا صوبائي هاءِ ڪورٽ پاڪستان بار ڪائونسل جي فيصلن جو جائزو نٿي وٺي سگهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته پاڪستان بار ڪائونسل وڪيلن جي معاملن بابت هڪ قانوني ادارو آهي، پاڪستان بار ڪائونسل جي فيصلن جو رڳو اسلام آباد جون عدالتون جائزو وٺي سگهن ٿيون.
پڌرائيءَ موجب پاڪستان بار ڪائونسل ۽ ان جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي فيصلن کي قانوني تحفظ حاصل آهي، من پسند ماڻهن کي نوازڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ غير قانوني طريقي سان ڪيس ٻڌي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.