پنو عاقل: نانگ ڪکيل نينگر کي ويڪسين نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي فوت

پنو عاقل (ويب ڊيسڪ) پنو عاقل ۾ نانگ جو ڪکيل نينگر اسپتال عملي جي لاپرواهي سبب فوت ٿي ويو.

ڳوٺ ربن خالدي جي رهواسي 12 ورهين جي نينگر عبدالجبار خالدي کي نانگ ڪکي وڌو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نينگر جي وارثن جو الزام آهي ته تعلقي اسپتال ۾ عملي ويڪسين لڳائڻ بدران کين واپس ڪري ڇڏيو، نينگر کي ٻيهر اسپتال کڻائي پهتاسين جتان کيس سکر منتقل ڪيو ويو پر روهڙي ۾ نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.