ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کي تنبيهه ڪري ڇڏي.
جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته واٽر ڪارپوريشن ۽ ٻين ميونسپل ادارن کي تنبيهه ٿو ڪيان ته اڳتي ڪنهن به ٻالي کي مين هول جي اندر نه موڪليو.
هن چيو ته واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا اهڙي مشينري آڻين، جيڪا بلاڪ مين هول کي کولي.
سندس چوڻ هو ته مين هول ۾ ٻالي کي موڪلڻ غير اخلاقي ۽ انساني دشمن رويو آهي، هر انسان احترام، عزت ۽ محبت جي لائق آهي.
نگران وڏي وزير چيو ته سمورا ميونسپل ادارا اهو غير انساني ڪم بند ڪن، ڪنهن غريب جي زندگي سان کيڏڻ بند ڪن.
Prev Post
You might also like