ڪراچي وارن لاءِ خوشخبري، پهرين زپ لائن کُلي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ”زپ لائن“ کي عوام لاءِ کوليو ويو آهي.
سفاري پارڪ ۾ نئين لڳايل زپ لائن لائن جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي هيءَ پهرين فلاءِ زپ لائن آهي.
هن چيو ته ان کان اڳ ڊائنو سفاري پارڪ ٺاهي چڪا اهيون، شهرين کي تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته مڙني ضلعن ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن، تنقيد ڪندڙ ڪندا رهن، اسان ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.