”الارمنگ آ ته رياستي ادارن تي بلوچ شاگردن جي گمشدگي جو الزام آهي ۽ اهي ئي بي وس آهن“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 50 کان وڌيڪ بلوچ شاگرد آزاد نه ٿيڻ تي نگران وزيراعظم، گهرو ۽ بچاءَ کاتي جي وزيرن ۽ سيڪريٽري سميت انساني حقن واري سيڪريٽري کي 29 نومبر تي طلب ڪري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگي بابت قائم ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد جي ڪيس ۾ گذريل ٻڌڻي جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
لکت حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن رپورٽ موجب يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي شاگردن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کنيو، ڪجهه شاگرد موٽي آيا پر گهٽ ۾ گهٽ 50 هاڻ به گم آهن.
لکت حڪم نامي موجب ايڊيشنل اٽارني جنرل تسليم ڪيو ته رياستي ادارن طرفان جبري طور گم ڪيل شاگرد اڃا تائين گم آهن، شهرين جي حقن جي تحفظ جي ذميوار حڪومت انساني حقن جون ڀڇڪڙيون نٿي روڪي سگهي، ڪو شاگرد رياست مخالف سرگرمي ۾ ملوث هجي ته لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
عدالت چيو سمجهيو ويندو ته اهي ماڻهو رياستي مفاد خلاف ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان نظام جو حصو آهن، جنهن ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جاري آهن، الارمنگ آهي ته رياستي ادارن تي بلوچ شاگردن جي گمشدگي جو الزام آهي ۽ اهي ئي آزاد ڪرائڻ ۾ بي وس آهن، عدالتون مظلوم لاءِ اميد جون آخري ڪرڻو هونديون آهن، رياستي عهديدارن جي ان سست رويي اعليٰ عدالتن تان عوامي اعتماد کڻي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.