لاهور (ويب ڊيسڪ) پاسپورٽ اينڊ ايمگريشن کاتي سڄي ملڪ ۾ اي پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو.
ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار اي پاسپورٽ جاري ٿيڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، جلد ئي اسلام آباد، ڪراچي، لاهور سميت ٻين انٽرنيشنل ايئرپورٽن تي اي گيٽ يا سمارٽ گيٽ لڳايا ويندا، اي پاسپورٽ رکندڙ مسافر سمارٽ گيٽس مان گذرندي ايميگريشن پراسيس مڪمل ڪري وٺندا.
5 سالن لاءِ 36 صفحن تي ٻڌل اي پاسپورٽ جي نارمل فيس 9 هزار ۽ ارجنٽ جي 15 هزار رپيا هوندي، 10 سالن جي مدي جي اي پاسپورٽ جي نارمل فيس ساڍا 13 هزار، جڏهن ته ارجنٽ جي ساڍا 22 هزار هوندي، 5 سالن لاءِ 72 صفحن جي اي پاسپورٽ جي نارمل فيس ساڍا 15 هزار ۽ ارجنٽ جي فيس 27 هزار رپيا هوندي، 10 سالن لاءِ 72 صفحن جي اي پاسپورٽ فيس 24 هزار 750 ۽ ارجنٽ فيس ساڍا 40 هزار رپيا هوندي.
پاڪستان ۾ ڪنهن به پاسپورٽ آفيس مان اي پاسپورٽ ٺهرائڻ جي سهولت دستياب هوندي، جديد ٽيڪنالاجي سان ٺاهيل اي پاسپورٽ ۾ 20 کان وڌيڪ سيڪيورٽي فيچرز آهن، اي پاسپورٽ ۾ پاسپورٽ هولڊر جو سمورو رڪارڊ ۽ سفري تفصيل موجود هوندا، جلد ئي يورپ ۽ آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ قائم پاڪستاني سفارتخانن ۾ به اي پاسپورٽس ٺاهڻ جو عمل شروع ڪيو ويندو.
Prev Post
Next Post
You might also like