عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف خاور مانيڪا وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جي نڪاح ڪيس ۾ خاور مانيڪا عدالت سان رابطو ڪري ورتو.
خاور مانيڪا سول جج قدرت الله جي عدالت ۾ داخل درخواست ۾ بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي سزا ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.
بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس موقف اختيار ڪيو ته منهنجو واسطو پاڪ پتن فيملي سان آهي، 1989 ۾ منهنجي بشريٰ بي بي سان شادي ٿي، بشريٰ بي بي جي ڀيڻ ذريعي پي ٽي آءِ چيئرمين سان اسلام آباد ڌرڻي دوران رابطو ٿيو.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين منهنجي شادي شده زندگي ۾ مداخلت ڪئي، مان کيس عزت سان فيملي کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو پيري مريدي جو سهارو وٺي منهنجي ذاتي زندگي ۽ گهر ۾ داخل ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.