بجاراڻي هائوس جي ترجمان جي گرفتاري ظاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ پوليس 3 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل فوج علي ڏاهاڻي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوج علي ڏاهاڻي کي مقابلي دوران گرفتار ڪيو ويو هو سندس ساٿي فرار ٿي ويا آهن.

بجاراڻي هائوس جي ترجمان تي ديوٽي اٽڪاءَ ۽ اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

پوليس موجب سرڪار جي فرياد تي 10 سڃاتل ۽ 3 اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.

پوليس پاران بجاراڻي هائوس جي ترجمان فوج علي ڏاهاڻي کي عدالت ۾ پڻ پيش ڪيو ويو.

ٻئي پاسي ڏاهاڻي برادري پاران سندس گرفتاري خلاف احتجاج پڻ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.