ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ پ پ مخالف پارٽيون هڪ ٻئي جي ويجهو اچي رهيون آهن.
ن ليگ، ايم ڪيو ايم، ف ليگ، جي يو آءِ ف ۽ اي اين پي پاڻ کي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي متبادل طور پيش ڪري ڇڏيو آهي.
نواز ليگ جي بشير ميمڻ، ايم ڪيو ايم جي مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين ڪراچي ۾ گڏجاڻي ڪئي.
پارٽين جي گڏجاڻي ۾ عام چونڊن دوران پيپلزپارٽي مخالف اتحاد ٺاهڻ ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهيون ڪيون ويون.
پريس ڪانفرنس ڪندي سندن چوڻ هو ته اسان هڪ ٻئي کي مضبوط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اسان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جو بهترين متبادل آهيون. هنن چيو ته سنڌ ۾ ٻين پارٽيز کي ليول پليئنگ فيلڊ نه پئي ملي.
اڳواڻن چيو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر تي به الزام هڻڻ نٿا چاهيون پر ان کي به اڻ ڌريون ٿيڻو پوندو.