اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايس آءِ ايف سي اپيڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.
اپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ لاڳاپيل نگران وفاقي وزيرن ۽ عملدارن به شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ معاشي صورت حال بابت بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته اسان جو سمورو ڌيان نجڪاري تي آهي، مختلف چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهيون.
هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري پهرئين ترجيح آهي.