تيغو خان تيغاڻي جو ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياسي شخصيت تيغو خان تيغاڻي ن ليگ ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

جيڪب آباد ۽ ڪشمور ۾ سياسي اٿل پٿل شروع ٿي وئي آهي، سياسي شخصيت تيغو خان تيغاڻي نواز ليگ جي بشير ميمڻ سان ملاقات ڪري فيصلو ڪيو آهي ته ن ليگ ۾ شامل ٿي ويندو.

ان موقعي تي تيغو خان تيغاڻي جو چوڻ هو ته جيڪب آباد ۽ ڪشمور جو عوام امن چاهي ٿو جڏهن ته بشير ميمڻ جو چوڻ هو ته ن ليگ جو بيانيو هاڻي سنڌ تائين مقبول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.