ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ٻن ڏينهن اندر ٽن شاگردن جا ڪمرن مان لاش مليا.
ڪراچي ۽ حيدرآباد کانپوءِ گمبٽ مان ڪشمور واسي شاگرد ذيشان دايو جو لاش مليو.
گمبٽ پوليس بنا ڪنهن جاچ جي شاگرد جي موت کي طبي قرار ڏنو.
گذريل ڏينهن ڪراچي جي نجي يونيورسٽي مان شهدادڪوٽ واسي امن ڪمار جو لاش مليو هو.
ان کان اڳ حيدرآباد مان سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد دسارت ڪمار جو لاش مليو هو.