لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت 10 هزار شاگردياڻين کي سبسڊي تي اليڪٽرڪ سائيڪلون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
نجي ٽي وي موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته 10 هزار شاگردياڻين کي سبسڊي تي اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون ڏنيون وينديون، جڏهن ته هٿرادو مينهن جي تياري به ڪئي وئي آهي.
صوبائي حڪومت لاهور سميت پنجاب جي 10 ضلعن ۾ جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي اسڪول ۽ ڪاليج بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پنجاب حڪومت شهرين کي سموگ کان محفوظ رکڻ لاءِ قدم کڻندي مٿيان اهم فيصلا ڪيا آهن.