آءِ سي سي پاران ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر تي ڇهه سال پابندي

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي بيٽر مارلون سيموئلز تي ڇهه ورهين جي پابندي مڙهي ڇڏي.
آءِ سي سي موجب، مارلون سيموئلر تي پابندي ايمريٽس ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي تي مڙهي وئي آهي.
اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر 2019ع ۾ ابوظهبي ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ ڪرناٽڪاٽسڪرز جو حصو هيو پر هن ميچون نه کيڏيون هيون.


آءِ سي سي پڌرائي موجب، مارلون تي سپٽمبر 2021ع تي 4 چارچز لاڳو ڪيا ويا جڏهن ته آگسٽ ۾مٿس ڏوهه ثابت ٿيو.
آءِ سي سي اينٽي ڪرپشن ڪوڊز جي سربراهه ايلڪس مارشل جو چوڻ آهي ته مارلن سيموئلز اٽڪل ٻن ڏهاڪن تائين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏي ۽ کيس تمام قاعدن ۽ ظابطن جي ڄاڻ هئي، جيتوڻيڪ هاڻ هو رٽائر ٿي چڪو آهي پر مٿس پابندي هڪ واضح پيغام آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي سنگين ڏوهه آهي.
مارلن سيموئلز 2012 ۽ 2016ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ويسٽ انڊيز طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ رانديگر رهيو.
هن آخري ڀيرو 2018 ۾ ويسٽ انڊيز لاءِ انٽرنيشنل ميچ کيڏي ۽ 2020 ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر جو ڪيريئر تڪرارن سان ڀرپور رهيو ۽ 2008 ۾ به مٿس رقم ۽ فائدا حاصل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻه سال پابندي مڙهي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.