سک اڳواڻ جي قتل جي ناڪام سازش کي سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيو آهي ته هو هڪ آمريڪي ڀارتي سک اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جي ناڪام بڻايل سازش کي سنجيدگي سان وٺي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ ڀارت کي ان ۾ ملوث هجڻ جي معاميل تي وارننگ به ڏني وئي آهي.

رائيترز موجب وائيٽ هائوس اربع تي چيو آهي ته آمريڪا ان مسئلي کي ڀارت سان اعليٰ سطح تي اٿاريو آهي.

آمريڪي انتظاميا جي هڪ سينيئر عهديدار جو چوڻ هو ته سک اڳواڻ گرپتونت سنگهه پنون آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي ٻٽي سهريت رکي ٿو، کي قتل جي ڪوشش ڪئي وئي.

وائيت هائوس جي ترجمان ايدريان واٽسن سک اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش جي حوالي سان چيو ته جڏهن ڀارتي عملدارن کي ان بابت ٻڌايو ويو ته هنن ان تي حيراني ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو، ڀارت چيو ته ان قسم جي ڪارروائي سندن پاليسي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.