ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ موجودا ڪامينٽيٽر محمد ڪيف پاران آسٽريليا کي چيمپيئن نه مڃڻ واري معاملي تي آسٽريلوي بيٽر ڊيوڊ وارنر ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
ورلڊ ڪپ فائنل ۾ آسٽريليا هٿان ڀارت جي شڪست تي محمد ڪيف جو چوڻ هو ته هو نه ٿو مڃي ته عالمي ڪپ بهترين ٽيم کٽيو آهي، ڀارت ڪاغذ تي بهترين ٽيم هئي جنهن ٽورنامينٽ ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو.
"𝘎𝘢𝘳𝘷 𝘴𝘦 𝘮𝘦𝘳𝘢 𝘴𝘦𝘦𝘯𝘢 𝘤𝘩𝘢𝘶𝘥𝘢 𝘩𝘢𝘪. 𝘚𝘢𝘭𝘢𝘢𝘮 𝘬𝘢𝘳𝘵𝘢 𝘩𝘶𝘯 𝘙𝘰𝘩𝘪𝘵 𝘚𝘩𝘢𝘳𝘮𝘢 𝘢𝘶𝘳 𝘶𝘯𝘬𝘪 𝘵𝘦𝘢𝘮 𝘬𝘰!”
.@MohammadKaif lauds this strong, brave, dominating, sensational #TeamIndia side & believes they were the best team at the #CWC23! pic.twitter.com/iqB1fqKQO9
— Star Sports (@StarSportsIndia) November 19, 2023
ڪيف جي بيان تي آسٽريلوي اوپننگ بيٽر ڊيوڊ وارنر به سخت جواب ڏنو ۽ چيو ته محمد ڪيف کي پسند ڪندو آهيان، ڪاغذ تير بهتر هيو اِهو اهم ناهي، آخر ۾ اوهان کي بهترين پرفارمنس جي ضرورت هوندي آهي اِهو اهم آهي.
I like MK, issue is it does not matter what’s on paper. At the end of the day you need to perform when it matters. That’s why they call it a final. That’s the day that counts and it can go either way, that’s sports. 2027 here we come 👍 https://t.co/DBDOCagG2r
— David Warner (@davidwarner31) November 22, 2023
هن چيو ته اهو ئي سبب آهي جنهن کي فائنل چيو ويندو آهي، اِهو ڏينهن اهميت رکندو آهي، جيڪو ڪنهن جي به هڪ ۾ وڃي سگهي ٿو.
آسٽريلوي بيٽر پنهنجي بيان ۾ ايندڙ عالمي ڪپ جو اعلان ڪندي لکيو ته 2027ع ۾ به اسان اينداسين.