چترال ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هو پي ڊي ايم حڪومت ۾ انڪري ڪامياب نه ٿياسين جو اسان جا اتحادي خدمت ڪرڻ بدران پنهنجي ذاتي دشمنيون پاڙي رهيا هئا.
چترال ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهانگائي پوري ملڪ ۾ آهي پر سمورن مسئلن جو حل پ پ جي منشور ۾ آهي، پ پ جي هر دور ماڻهن کي روزگار مليو.
هن چيو ته بينظير ڀٽو جي اڻپوري مشن کي مڪمل ڪرڻ چاهيان ٿو، بينظير آمرن سان مهاڏو اٽڪايو، عوام ساڻس گڏ هيو، جڏهن ملڪ جي صورتحال ڏسندو آهيان ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي، عوام جون تڪليفون ختم ڪرڻ چاهيان ٿو.
پنهنجي تقرير ۾ بلاول چيو ته پراڻا سياستدان جهڙي طرح سياست ڪري رهيا عوام جي اهنجن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، سندن ارادو آهي ته حڪومت ٺاهي پنهنجون ذاتي دشمنيون پاڙيون، هو حڪومت ۾ اچي انتقامي سياست ڪرڻ چاهن ٿا.
بلاول چيو ته هن کي پراڻن سياستدانن تي اعتراض ناهي پر ستر سال پراڻي سياست ڪرڻ تي آهي، جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي جڏهن پهريون ڀيرو وڏو وزير بڻايو ويو ته سندس عمر ڪيتري هئي؟ جڏهن بينظير ڀٽو پهريون ڀيرو وزيراعظم بڻي ته سندس عمر ڇا هئي؟ پاڪستان جي ستر سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، پراڻا سياستدان ڪيترو ڪم ڪري سگهندا؟ پراڻا سياستدان مستقبل بابت ناهن سوچيندا، نواز شريف جي حڪومت اشرافيه جي حڪومت هوندي آهي.
بلاول ڀٽو وڌيڪ اوهان چاهيو ٿا ته آصفه ڀٽو چترال مان چونڊ وڙهي ته مان آصفه کان پڇندس، کيس راضي ڪندس ته هوءَ چترال واري سيٽ تان چونڊ وڙهي.
Prev Post
You might also like