اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي منشور ڪميٽي جي چيئرمين عرفان صديقي چيو آهي ته 18هين آئيني ترميم ختم ڪرڻ تي ڪنهن سطح تي پارٽي ۾ مشاورت ناهي ٿي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته 18هين آئيني ترميم هجي يا ٻيو ڪجهه، آئين نين ترميمن جي اجازت ڏئي ٿو، آئين يا قانون ۾ ڪنهن ترميم جي ضرورت هوندي ته پارليامينٽ فيصلو ڪندي.
هن چيو ته في الحال 18هين آئيني ترميم تي ن ليگ طرفان ڪو فيصلو ناهي ٿيو، آصف زرداري سنيجده سياستدان آهي، کيس خبر آهي ته هاڻ ڌانڌلي ممڪن ناهي رهي.
Prev Post
You might also like