شيائومي جي شوقينن لاءِ شاندار فون، قيمت مناسب قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيني اسمارٽ فون ڪمپني شيائومي پنهنجي مشهور برينڊ ريڊمي جي نوٽ 13 پرو کي متعارف ڪرايو آهي جنهن کي ڪيمرا ۽ بيٽري سبب اگهه جي حوالي سان مناسب قرار ڏنو پيو وڃي.

ڪمپني ريدمي سيريز جي پرو نوٽ نوان فون ٻه مهينا اڳ سيپٽمبر ۾ به نوٽ سيريز جا ٻه بجيٽ فون متعارف ڪرايا هئا.

ڪمپني ٻه هفتا اڳ به ريڊمي جو سستو فون متعارف ڪرايو هو ۽ هاڻي شيائومي نوٽ 13 پرو کي پيش ڪيو آهي.

نوٽ 13 پرو کي 6 ڏهائي 7 انچ اسڪرين جڏهن ته 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ميموري ماڊيول سان پيش ڪيو ويو آهي.

فون جي مين ڪيمرا 108 ميگا پڪسل ۽ 2 ميگا پڪسل آهي.

فون جي بيٽري 5 هزار ايم اي ايڇ ۽ چارجر 33 واٽ جو آهي، جنهن ۾ ميڊيا ٽيڪ 6080 جي چپ ڏني وئي آهي.

فون کي شروعاتي طور چين ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ڪمپني فون جو پاڪستاني اگهه 62 هزار رپين تائين رکندي.

جلد فون کي پاڪستان ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ اهو اگهه مناسب قرار ڏنو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.