ورلڊ ڪپ جي ٽرافي مارش جي پيرن ۾ ڇا ڪنهن لاءِ پيغام آهي؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪو پيغام ڏنو ويو آهي؟ يا اِهو ٻڌايو ويو آهي ته هن ٽرافيءَ جي اهميت ايتري ئي آهي، اسان جي پيرن هٺيان، يا اِهو چيو ويو آهي ته پنهنجي لاءِ عام ڳالهه آهي يا ڪنهن رويي تي علامتي شڪايت ڪئي وئي آهي؟ ڪيئي دفعا اوهان زباني يا لکت ۾ جواب ناهيو ڏيندا ته پوءِ اهڙو ئي رستو اختيار ڪيو ويندو آهي.

اِهو به ممڪن آهي ته اڳئين ماڻهو کي تميز ئي نه هجي ۽ هو اهڙي قسم جي انداز جو عادي هجي، بهرحال اوهان کي هيءَ تصوير ڏسي ڇا محسوس ٿي رهيو آهي؟ ڇا جيڪڏهن ڪوهلي، روهت شرما وغيرا سندس جاءِ تي هجن ها ته اهڙي حرڪت ڪن ها؟ ماضيءَ ۾ رڪي پونٽنگ ڪڏهن ائين نه ڪيو، ڌوني ۽ ٽنڊولڪر به نه ڪيو ته هن ڀيري ائين ڇو؟

اهڙا ڪيئي سوال مچل مارش جي هن تصوير تي اُٿي رهيا آهن ته نيٺ هن ائين ڇو ڪيو آهي يا اِهو سڀ اتفاقي ٿيو آهي ان تي هڪ نئون بحث ڇڙي ويو آهي.

آسٽريلوي آل رائونڊر مچل مارش جي ورلڊ ڪپ ٽرافي تي پير رکي آرام ڪرڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي جنهن تي ڀارتي مداح تپي باهه ٿي ويا آهن.

آسٽريليا گذريل ڏينهن احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيديم ۾ ڀارت کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ رڪارڊ ڇهون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

ميچ کانپوءِ پئٽ ڪمنز پنهنجي انسٽاگرام پروفائل تي مداحن لاءِ ڊريسنگ روپ جون تصريرون شيئر ڪيون آهن جنهن ۾ ڪينگروز رانديگر فتح جو جشن ملهائيندي نظر اچي رهيا آهن.

انهن منجهان هڪ تصوير ۾ آسٽريلوي آل رائونڊر مچل مارش کي صوبي تي ويٺي آرام ڪندي ڏيکاريو ويو آهي پر ڪرڪيٽ پرستار آل رائونڊر طرفان تصوير لاءِ پوز ڏيندي ٽرافي مٿان پنهنجا پير رکڻ واري روش تي تنقيد ڪري رهيا آهن.

مچل مارش جي اهڙي حرڪت فائنل ۾ شڪست تي ڏکويل ڀارتي پرستارن جي زخمن تي وڌيڪ لوڻ ٻرڪي ڇڏيو جنهن آسٽريلوي ڪرڪيٽر سخت تنقيد جو نشانو بڻايو.

ايڪس تي ڀارت واهپيدار تبصرو ڪندي لکيو ته اِها ٽرافي جي توهين آهي، آءِ سي سي کي ان تي ايڪشن وٺڻ گهرجي.

ويپن تيواري نالي صارف لکيو جو چوڻ آهي ته هي واقعي افسوسناڪ آهي جڏهن ٽرافي جي صحيح معنيٰ ۾ احترام ڪرڻ وارن کي ڇهڻ جو موقعو ناهي ملندو ته ۽ جيڪي ماڻهو پرواهه ناهي ڪندا کين ڪيئي موقعا ملندا آهن.

ڪو پيغا ڏنو ويو آهي؟ يا اِهو ٻڌايو ويو آهي ته هن ٽراف جي اهميت ايتري ئي آهي، اسان جي پيرن هٺيان، يا اِهو چيو ويو آهي ته پنهنجي لاءِ عام ڳالهه آهي يا ڪنهن رويي تي علامتي شڪايت ڪئي وئي آهي؟ ڪيئي دفعا اوهان زباني يا لکت ۾ جواب ناهيو ڏيندا ته پوءِ اهڙو ئي رستو اختيار ڪيو ويندو آهي.

اِهو به ممڪن آهي ته اڳئين ماڻهو کي تميز ئي نه هجي ۽ هو اهڙي قسم جي انداز جو عادي هجي، بهرحال اوهان کي هيءَ تصوير ڏسي ڇا محسوس ٿي رهيو آهي؟

ڇا جيڪڏهن ڪوهلي، روهت شرما وغيرا سندس جاءِ تي هجن ها ته اهڙي حرڪت ڪن ها؟

ماضيءَ ۾ رڪي پونٽنگ ڪڏهن ائين نه ڪيو، ڌوني ۽ ٽنڊولڪر به نه ڪيو ته هن ڀيري ائين ڇو؟

اهڙا ڪيئي سوال مچل مارش جي هن تصوير ۾ لڪيل آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.