گھر جا شينهن گھر ۾ چٽ، آسٽريليا فاتح بڻجي ويو

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) آسٽرليا آءِ سي سي مينز مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ ۾ ميزبان ٽيم ڀارت کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇهون ڀيرو ڪرڪيٽ جو عالمي چيمپيئن بڻجي ويو.

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريلوي بيٽر ٽريوس هيڊ ۽ لبوشين شاندار بيٽنگ ڪندي ورلڊ ڪپ 2023ع جو ٽائيٽل آسٽريليا جي نالي ڪيو.

ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي جتي آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو.

آسٽريليا جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارت جي سڄي ٽيم 50 اوورز ۾ 240 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ڪي ايل راهول 66 ۽ ويرات ڪوهلي 54 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.

آسٽريليا ڀارت کي 241 رنسن جو هدف ٽريوس هيڊ ۽ لبوشين جي بهترين بيٽنگ جي ڪري 43 اوورن ۾ پورو ڪيو، هدف جو پيڇو ڪندي هيڊ ڏکي وقت ۾ سينچري ۽ لبوشين ففٽي اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم کي ورلڊ ڪپ کٽرائڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو.

ٽريوس هيڊ 120 بالن تي شاندار 137 جي اننگز کيڏي جڏهن ته لبوشين 58 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

واضح رهي ته آسٽرليا 6 هون ڀيرو آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو آهي، ڪينگروز 1987، 1999، 2003، 2007، 2015 ۽ هاڻي 2023ع ۾ ورلڊ ڪپ ٽرافي کٽي آهي.

احمد آباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ 1 لک 32 هزار تماشائين جي گنجائش آهي، فائنل ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ ڀارتي مداحن جو وڏو انگ موجود هو جن ۾ ڪيتريون ئي مشهور شخصيتون به شامل هيون.

ڀارت جي اننگز

ڀارت جي هدف جو پيڇو ڪندي آسٽريليا جي شروعات سٺي نه هئي، رڳو 47 جي گڏيل اسڪور تي 3 آسٽريلوي بيٽر ڀارتي بالر جو شڪار بڻيا، اوپنر ڊيوڊ وارنر 7، مچل مارش 15 ۽ اسٽيو سمٿ 4 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا.

3 وڪيٽون ڪرڻ کان پوءِ لبوشين ۽ ٽريوس هيڊ شاندار ڀائيواري قائم ڪئي ۽ احمد آباد جي ميدان تي ويٺل هڪ لک کان وڌيڪ ڀارتي شوقينن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو. ٻنهي بيٽرز صبر سان بيٽنگ ڪئي ۽ گرائونڊ جي چئني پاسي دلڪش شاٽس به لڳايا.

لبوشين ۽ ٽريوس هيڊ وچ ۾ 192 رنسن جي ميچ وننگ ڀائيواري قائم ڪئي.

ٽريوس هيڊ 137 جڏهن ته لبوشين 58 رنسن اننگز کيڏي، گلين ميڪسويل 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

واضح رهي ته فائنل کان اڳ ڀارتي سڄي ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست رهيو، گروپ اسٽيج جي 9 ميچز ۽ پوءِ سيمي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم نيوزيلينڊ جي خلاف ڪاميابي ماڻي هئي.

انعامي رقم

موجودا ورلڊ ڪپ لاءِ آءِ سي سي گڏيل طور تي هڪ ڪروڙ ڊالرز جي انعامي رقم جو اعلان ڪيو.

فائنل کٽيندڙ ٽيم لاءِ 40 لک ڊالرز جي انعامي رقم جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته فائنل هارائيندڙ ٽيم کي 20 لک ڊالرز ملندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.