ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بولڊ ۽ بي باڪ ماڊل ۽ ميزبان مٿيرا انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ٽن ٻارن کي سڀ ڪجهه خبر آهي ته سندن ماءُ جي زندگي ڪيئن گذري آهي ۽ ڪيئن گذري رهي آهي.
هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته سندس ٽي پٽ آهن، هميسه چوندي آهيان ته ڇوڪرن کي وڌيڪ سٺي تربيت ڏيڻ گهرجي، پٽن کي سڀ ڪجهه خبر آهي، عورتن جي ماهواري بابت به خبر آهي.
هن چيو ته ٻارن تي زبردستي نٿي ڪرڻ چاهيان، کين سٺي تربيت ڏيڻ چاهيان ٿي، ته جيئن هنن ۾ احساس پيدا ٿئي، کين خبر هجڻ گهرجي ته گهر جا خرچ ڪٿي هلي رهيا آهن ۽ ڪٿان اچي رهيا آهن.
هن چيو ته مان روئيندي آهيان ته مون سان گڏ خدا هوندو آهي، مان سٺي مسلمان نه آهيان، مان پنهنجي زندگي ۾ کوڙ گناهه ڪيا آهن، مون کي خبر آهي ته مان جهنم ۾ وينديس پر مان هميشه بهتر انسان بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.