ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ اسمگلنگ خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران پوليس حب ذريعي ڪراچي آندل 17 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتي.
ترجمان موجب منشيات اسمگلنگ ۾ گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ دل مراد، سندس پٽ سيد جان ۽ ننهن ثريا خاتون طور ٿي آهي.
پوليس موجب گرفتار منشيات فروش خاندان تربت بلوچستان کان بس ذريعي يوسف گوٺ آيو هو.
حب ريور روڊ، بس ٽرمينل تي پهتا اتان رڪشا وٺي ملير واري علائقي ۾ منشيات پهچائڻ وارا هئا.
پوليس موجب جڏهن سيمنس چورنگي وٽ رڪشا کي روڪي تلاشي ورتي وئي ته ان ۾ اعليٰ قسم جي چرس جا 20 پيڪيٽ مليا.