مسلمان جي حيثيت سان فلسطينين جي قتل تي پريشان آهيان: ترڪ صدر

برلن (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته مسلمان جي حيثيت سان فلسطينين جي قتل تي پريشان آهيان.
برلن ۾ جرمن چانسلر سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو ته ست آڪٽوبر جي ڳالهه ٿيندي آهي، پر ان کان پوءِ جيڪو ٿيو ان تي خاموشي آهي، اسرائيلي ظلمن جي ڳالهه ناهي ڪئي ويندي، آئون صاف ڳالهه ڪريان ٿو ته اسان تي اسرائيل جو ڪو به قرض ناهي، قرضي آزاد ڳالهه نٿا ڪري سگھن پر اسان ڪري سگھون ٿا.
هن چيو ته اسان جو ملڪ هولوڪاسٽ مان ناهي گذريو پر پوءِ به اسان يهودين جي مخالف رويي جي مذمت ڪريون ٿا، جيڪڏهن جرمني جهاز نه ڏئي ها ته اسان کي فرق نه پوي ها.
ترڪ صدر صحافي کي به لاجوا ڪري ڇڏيو نسل ڪشي بابت سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اسرائيل هزارين فلسطينين کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اسپتالن ۽ مسجدن تي حملا ڪيا پيا وڃن، مسلمان جي حيثيت سان پريشان آهيان پر اوهان عيسائي هجڻ جي ناطي ان سان پريشان آهيو، ڇا اوهان ان تي به موقف اختيار ڪندئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.