جان محمد مهر قتل ڪيس: نگران وڏي وزير پاران اهم تبديلين جو اشارو

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) شھید جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءٕ پي ایف یو جي، جي صدر جي ایم جمالي جي اڳواڻي ۾ صحافین طرفان قائم جوائنٽ ایڪشن ڪامیٽي جي وفد نگران وڏي وزیر جسٽس ریٽائر مقبول باقر سان ملاقات ڪئي.

صحافین طرفان شھید صحافي جي قتل ڪیس ۾ گھربل مرڪزي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

نگران وڏي وزیر جسٽس ریٽائر مقبول باقر طرفان چئن ھفتن اندر جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري ۾ اھم اڳڀرائي جي خاطري ڪرائي وئي.

جوائنٽ ایڪشن ڪامیٽي طرفان چئن ھفتن اندر مرڪزي قاتل گرفتار نہ ٿیڻ واري صورت ۾ گڏیل صلاح مشورن بعد نئي حڪمت عملي جو اعلان ڪیو ویندو.

صحافین جي وفد ۾ ایڪشن ڪامیٽي جو ڪنوینر وحید راڄپر، شھید صحافي جو ڀاءُ ڪرم اللہ مھر، آئي ایف جي ڪو آرڊینیٽر لُبنا جرار شامل هئا.

وفد ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جو اڳوڻو صدر غازي جھنڊیر، صدر پی ایف یو جي سنڌ ریجن سعید جان بلوچ، ڪي یو جي جو صدر اعجاز احمد ، فھیم صدیقی، حسن عباس، عاجز جمالي بہ شامل هئا.

گڏجاڻي ۾ لاڙڪاڻو یونین آف جرنلسٽس جي صدر سرڪش سڌایو، سکر یونین آف جرنلسٽس جي سیڪریٽري ساحل جوڳي سمیت امداد سومرو بہ شرڪت ڪئي.

نگران وڏي وزیر سان گڏ گھرو وزیر برگیڊیئر حارث نواز، قانون واري صوبائي وزیر عمر سومرو ۽ گھرو سیڪریٽري اقبال میمڻ شرڪت ڪئي.

آئي جي سنڌ پولیس رفعت مختار، ڊي آئي جي ۽ ایس ایس پي سکر طرفان گڏجاڻي ۾ جان محمد مھر قتل ڪیس بابت جاچ جي حوالي سان بریفنگ ڏني وئي.

گڏجاڻي ۾ پولیس آفیسرن سیٽلائٽ نقشن جي مدد سان پولیس ڪارروائین ۽ ڏوھارین جي چُرپر بابت آگاھي ڏني.

صحافين مطالبو ڪيو ته شھید جان محمد مھر جا مک قاتل گرفتار ڪري ماسٽر مائینڊ ۽ سھولتڪار سامھون آندا وڃن، قتل ڪیس جي جاچ لاءٕ قائم جي آئي ٽي جو سربراھ ایڊیشنل آئي جي لیول جو آفیسر مقرر ڪیو وڃي.

صحافین طرفان شھید جان محمد مھر جي وارثن کي فول پروف سیڪیورٽي واري مطالبي تي نگران وڏي وزیر جو آئي جي پولیس کي سیڪیورٽي فراھم ڪرڻ جو حُڪم ڏنو.

صحافین طرفان اُٿاریل مختلف سوالن جي جواب ۾ ایس ایس سکر طرفان گڏجاڻي کي بریفنگ ڏني وئي.

ايس ايس پي چيو ته قتل ڪیس جي مک جوابدار شیرل مھر کي پناھ ڏیندڙ جتوئي پاڙي جي قادراڻين جي سربراھ کي اڄ گرفتار ڪیو آھي، جان محمد مھر جي قاتلن ڪچي اندر موجود پاڻي توڙي ٻارن ءٕ عورتن کي ڍال بڻایو آھي.

نگران وڏي وزير چيو ته شھید جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءٕ آئون پاڻ، گھرو وزیر ءٕ آئي جي پولیس بہ سکر جا دورا ڪري چڪا آھیون، شھید جان محمد جو قتل ڪیس سنگین معاملو آھي، آئون پاڻ صورتحال جي نگراني ڪریان پیو، مرڪزي قاتلن جي گرفتاري لاءٕ چئن ھفتن ۾ اڳڀرائي ٿیندي، ضرورت پئي تہ وڏي پیماني تي انتظامي تبدیلیون بہ ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.