اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي ضمانت رد ڪندي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق 10 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.
تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي موت يا عمر قيد جي سزا جا قلم شامل آهن، شاهه محمود قريشي کي به ان ئي حوالي سان ڏٺو ويندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته يقينن ضمانت سزا روڪڻ ناهي..
عدالتون عمر قيد يا موت جي سزا وارن جوابدارن کي ضمانت ڏيڻ ۾ محتاط هونديون آهن، اهڙن ڪيسن ۾ ضمانت نه ٿي ملي سگهي جيستائين ڪو سٺو سبب نه هجي.
تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڏوهه تي ڀرڪائڻ، ڏوهه جي سازش يا مدد ڪندر کي مک ڏوهي جيان ئي ڏٺو ويندو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورت چيو ته عدالت ضمانت رد ڪري هدايت ڪري ٿي ته ٽرائل 4 هفتن ۾ مڪمل ڪيو وڃي.